تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اوٻاوڙي ويجهو سيلرا، ڌونڌا ۽ شر برادري ۾ هلندڙ تڪرار تان وڌيڪ هڪ زخمي جي فوت ٿيڻ کانپوءِ قتل ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي

- Advertisement -
اوٻاوڙي ويجهو سيلرا، ڌونڌا ۽ شر برادري ۾ هلندڙ تڪرار تان وڌيڪ هڪ زخمي جي فوت ٿيڻ کانپوءِ قتل ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي، صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ڇهن ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي گهوٽڪي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. 20کان وڌيڪ هٿياربندن ڳوٺ محبوب سيلرو ۽ مير محمد ڌونڌو تي چڙهائي ڪئي. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ محمد ابراهيم سيلرو، عبدالحميد سيلرو، صوبو سيلرو، اياز ڌونڌو ۽ علي گوهر ڌونڌو ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته ڄام سيلرو، دلبر، عظيم، قائم، نديم ۽ حنيف سيلرو زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ بعد رونتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو. زخمين مان حنيف سيلرو زخمن جا سور نه سهندي رحيم يار خان جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو جنهن کانپوءِ قتل ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو. ڇهن ڄڻن جي قتل کانپوءِ ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي جنهن سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ڇهن ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي گهوٽڪي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. صوبائي گهرو وزير چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي واقعي جي تفصيلن ۽ پوليس ايڪشن بابت آگاهه ڪري، اهڙي واقعي جي ذميواري خلاف سخت قدم کنيا وڃن. ضياءَ الحسن لنجار چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جي خاص ٽيم کي ٽاسڪ ڏنو وڃي. هن چيو ته امن امان جي حالتن کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ جوابدار کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
35 %
1.7kmh
99 %
آچر
24 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون