- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري ۽ وفاقي وزير ملاقاتون ڪندا رهندا آهن حيرت جي ڪابه ڳالهه ناهي، موجوده حالتن ۾ وفاقي وزيرن صدر سان ملاقات ڪئي ته ضرور ڪا ڳالهه هوندي، سنڌ ۾ رڳو ڪچو ٻڏو آهي ٻيا علائقا محفوظ آهن، سنڌ سرڪار آبادگارن جي مڪمل حمايت ڪري رهي آهي، ارسا جي ختم ڪرڻ جي ڳالهين بابت ڪا خبر ناهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزيرمراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪي فور واٽر سپلاءِ اسڪيم جو ثمر عوام تائين ضرور پهچندو.
هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ وفاقي وزير ملاقاتون ڪندا رهندا آهن حيرت جي ڪابه ڳالهه ناهي، موجوده حالتن ۾ وفاقي وزيرن صدر سان ملاقات ڪئي ته ضرور ڪا ڳالهه هوندي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ رڳو ڪچو ٻڏو آهي ٻيا علائقا محفوظ آهن، سنڌ سرڪار آبادگارن جي ڀرپور سپورٽ ڪري رهي آهي، سٺي ڳالهه آهي پنجاب سرڪار به آبادگارن کي سپورٽ ڪري پئي.
هن چيو ته ارسا جي ختم ڪرڻ جي ڳالهين بابت ڪا خبر ناهي، سنڌ ۾ قلم ڌڻين جي قتل جي واقعن تي افسوس آهي.
مينجمينٽ ايسوسي ايشن آف پاڪستان جي 25هين سالياني ڪنوينشن خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ترقي لاءِ خانگي شعبي جو متحرڪ هئڻ ضروري آهي، خانگي شعبو معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، صحت جي شعبي ۾ سڌارن تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته ترقي لاءِ انتظاميا ۽ فردي طاقت ٻئي ضروري آهن، سنڌ حڪومت اسڪلز جي بنياد تي معاشي سرگرمين جي حامي آهي، انتظامي سڌارا وڌائڻ لاءِ سنڌ سرڪار هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته صوبي کي اسڪلز ۽ گڊ گورننس جو رول ماڊل بڻايو ويندو، ٻوڏ متاثرن لاءِ سياسي اختلاف وساري ڪم ڪرڻ گهرجي، وفاقي حڪومت ماحولياتي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايم اي پي ترقي جون جيڪي منزلون طئي ڪيون آهن، اهي ساراهه جوڳيون آهن، هو ان شاندار ڪاميابي تي مينجمينٽ ايسوسي ايشن آف پاڪستان کي مبارڪ پيش ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ پيشواراڻي صلاحيت کي هٿي وٺرائڻ ۾ ميپ گذريل ڇهن ڏهاڪن کان رڌل آهي، ڪراچي ملڪ جو معاشي حب ۽ سنڌ جي مٿي جو تاج آهي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو پنهنجي قومي ۽ صوبائي سفر ۾ انتهائي اهم موڙ مان گزري رهيا آهن، معاشي، ماحولياتي ۽ انفرا اسٽرڪچر جهڙن چئلينجن کي منهن ڏين پيا.
مراد علي شاهه چيو ته سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري ڪاميابي ۽ بلندي طرف وڌڻو آهي، جديد دنيا ۾ هر ملڪ ٻئي مان اڳڀرو ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ آهي.
هن چيو ته رڳو وسيلن تي ڀاڙڻ ڪافي نه هوندو، ڪامياب ۽ جٽادرا ترقي لاءِ انساني سيڙپڪاري کي بهتر انداز ۾ استعمال ڪرڻو پوندو، سسٽم جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري ۽ تيزي آڻڻي پوندي.- Advertisement -
