تازه ترين

ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 7 دهشتگرد مارجي ويا، ميجر سبطين حيدر شهيد: آءِ ايس پي آر

- Advertisement -
ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ڀارتي حمايتي 7 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن سان مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر سبطين حيدر شهادت ماڻي، جنهن جي جنازي نماز چڪلالا گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڊي آءِ خان ۾ سڪيورٽي فورسز ڀارتي حمايتي دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن خلاف آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪوئٽا جو ميجر سبطين حيدر به شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گوليون به هٿ ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملي ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ڀارتي حمايتي دهشتگردن جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. سندس چوڻ هو ته وطن جي بهادر پٽن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون. آءِ ايس پي آر موجب، شهيد ميجر سبطين حيدر جي جنازي نماز چڪلالا گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جنازي نماز ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير  شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير، فوجي ۽ سول آفيسرن توڙي عوام وڏي انگ ۾ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ميجر سبطين حيدر جي عمر 30 سال ۽ تعلق ڪوئيٽا ضلعي سان هو. آءِ ايس پي آر موجب، ميجر سبطين حيدر ڊي آءِ خان ۾ شهادت ماڻي ۽ سندس تدفين اباڻي علائقي ڪوئيٽا ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
26.8 ° C
26.8 °
26.8 °
41 %
2.8kmh
90 %
خميس
27 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون