- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان بابا گرو نانڪ ديو جي 556هين جنم ڏهاڙي تي سک برادري کي مبارڪ ڏني وئي آهي.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته بابا گرو نانڪ ديو جي امن، رواداري ۽ برابري جو پيروڪار هو.
صدر جو چوڻ هو ته بابا گرو نانڪ جو پيغام انسانيت، محبت ۽ خدمت خلق جو درس ڏئي ٿو، سندس پيغام اڄ به عالمي سطح ت يرهنمائي فراهم ڪري رهيو آهي.
صدرآصف زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان کي فخر آهي ته اهو بابا گرو نانڪ جي مقدس گردوارن جو محافظ آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته بابا گرو نانڪ ديو جي هڪ اهڙو نظرياتي ماڻهو هو جنهن سٺي انسانيت لاءِ امن ۽ برابري کي هٿ ڏيڻ جو درس ڏنو.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان حڪومت سمورن مذهبي اقليتن جي حقن جي حفاظت جو عزم رکي ٿي.
- Advertisement -
