تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

غزا ۾ ٻن سالن کان هلندڙ خوني جنگ جي خاتمي لاءِ معاهدو  عملي طور لاڳو

- Advertisement -
غزا ۾ ٻن سالن کان هلندڙ خوني جنگ جي خاتمي لاءِ معاهدو  عملي طور لاڳو ٿي ويو آهي. مصري ميڊيا القاهره ٽي وي موجب، غزا ۾ جنگبندي بابت معاهدو پاڪستاني وقت موجب 2 وڳي لاڳو ٿي ويو. مصري پرڏيهي وزارت غزا ۾ جنگبندي معاهدي کي اهم لمحو قرار ڏيندي چيو ته شرم الشيخ ۾ ٿيل هاڪاري اڳڀرائي غزا جنگ ۾ هڪ اهم موڙ جي نمائندگي ڪري ٿو، مصر جو پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي اڄ پيرس روانو ٿيندو جتي هو غزا جي صورتحال بابت وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جنگبندي اڄ شام اسرائيلي حڪومت طرفان معاهدي جي منظوري کانپوءِ لاڳو ٿيندو. اسرائيلي عهديدار ٻڌايو ته غزا مان 20 اسرائيلي يرغمالين جي آزادي آچر يا سومر تي ٿيڻ جو امڪان آهي. هوڏانهن عرب ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي حماس اڳواڻ اساما حمدان چيو ته جنگ جي خاتمي جي اعلان تائين قيدين جي مٽاسٽا نه ٿيندي. هن چيو ته ٽياڪڙن ضمانت ڏني آهي ته اسرائيل جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ڪندو، معاهدي موجب اسرائيلي جيلن ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌايل 250 قيدي آزاد ٿيندا ۽ غزا جي سترهن سئو قيدين کي به آزاد ڪيو ويندو. هن چوي ته معاهدي تحت اسرائيلي فوج کي غزا شهر، اتر غزا، رفح ۽ خان يونس مان نڪرڻو آهي……………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
12 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
14 %
1.5kmh
2 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون