تازه ترين

فاطمه ڦرڙو جي واقعي تي سڄي سنڌ ڏکاري آهي : سيد زين شاھ

ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھ چيو آهي ته فاطمه ڦرڙو جي واقعي تي سڄي سنڌ ڏکاري آهي، واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

زين شاهه خانواهڻ پھچي نينگري فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

 ايس يو پي صدر زين شاهه سنڌ ٽي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته فاطمه ڦرڙو جي واقعي تي سڄي سنڌ ڏکاري آهي.

هن چيو ته هتي ھميشه ائين ٿيندو آيو آهي ته جيڪو ڏاڍو سو گابو، پيسي وارو انصاف خريد ڪندو آهي، الله نياڻي سان انصاف ڪندو.

سندس چوڻ هو ته فاطمه جا وارث غريب آھن انتظاميه کي گھرجي ته متاثرن کي تحفظ فراهم ڪري.

 ايس يو پي صدر زين شاهه گھر ڪئي ته فاطمه ڦرڙو واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
18.2 ° C
18.2 °
18.2 °
34 %
2.2kmh
0 %
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون