تازه ترين

ڌاڙيلن پاران معصوم نينگر جي رسن سان ٻڌل واري ويڊيو وائرل ڪري ڇڏي

ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل معصوم نينگر فرحان سومري جي ڌاڙيلن رسن سان ٻڌل هجڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي .

ڪنڌڪوٽ جي مرزاپور پاڙي مان ٻه مهينا اڳ ڌاڙيل نينگر فرحان سومري کي اغوا ڪري ويا هئا.

مغوي نينگر فرحان سومري جي وارثن وڏي وزير مراد علي شاهه جي آڏو احتجاج ڪيو هو، جڏهن ته وڏي وزير مغوي نينگر جي وارثن کي خاطري ڪرائي هئي ته نينگر کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.

ڌاڙيلن مغوي نينگر جي وارثن کان 30لک رپيا ڀنگ گهري ورتو آهي، جڏهن ته پوليس نينگر جي بازيابيءَ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.

ڌاڙيلن مغوي نينگر فرحان سومري جي رسن سان ٻڌل هجڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي.

وائرل وڊيو ۾ مغوي نينگر فرحان سومرو وارثن کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
20 ° C
20 °
20 °
30 %
4.3kmh
100 %
ڇنڇر
19 °
آچر
22 °
سُومر
19 °
اڱارو
21 °
اربع
23 °

تازه ترين خبرون