تازه ترين

فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير سان برطانوي فوج جي چيف آف دي جنرل اسٽاف جي ملاقات

- Advertisement -
آرمي چيف فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير سان برطانوي فوج جي چيف آف دي جنرل اسٽاف جنرل سر چارلس رولينٽڊ ونسنٽ واڪر ملاقات ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته برطانوي فوج جي چيف آف دي جنرل اسٽاف جنرل سر چارلس رولينٽڊ ونسنٽ واڪر جنرل هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب برطانوي فوج جي چيف آف دي جنرل اسٽاف شهيدن جي يادگارن تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ کيس پاڪ فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته دوري دوران برطانوي جنرل، آرمي چيف فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچپسي وارن معاملن، علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفو دفاعي سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ استحڪام يقيني بڻئاڻ لاءِ مسلسل سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته برطانوي فوج جي چيف آف دي جنرل اسٽاف جنرل سر چارلس رولينٽڊ ونسنٽ واڪر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ قربانين جي واکاڻ ڪئي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
9.9 ° C
9.9 °
9.9 °
19 %
2.2kmh
49 %
خميس
10 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °
آچر
20 °
سُومر
19 °

تازه ترين خبرون