قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 14 نڪاتي ايجنڊا جاري

- Advertisement -
قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيندو، جنهن جو 14 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ سني اتحاد ڪائونسل 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا خلاف احتجاج ڪندي، سني اتحاد ڪائونسل پاران اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ميمبرن کي هدايت ڪئي وئي ته اهي ايوان ۾ پلي ڪارڊ ۽ پوسٽر کڻي اچن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٻه ڌيان ڇڪائيندڙ نوٽيس ۽ 2 سرڪاري قانون پارلياماني ڪارروائي جو حصو هوندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ عالمي ڪنوينشنن مطابق قانونسازي ڪئي ويندي، جڏهن ته حياتياتي ۽ زهريلي هٿيارن جي پابندي بابت بين عالمي ڪنوينشن مطابق قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاران هڪ بل پيش ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي حياتياتي ۽ زهريلي هٿيارن جي روڪٿام بابت عالمي ڪنوينشن موجب بل پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اسلام آباد جي اسپتالن، خاص طور پولي ڪلينڪ ۾ وينٽيليٽرن ۽ ٻئي سامان جي عدم دستيابي تي ڌيان ڇڪائڻ وارو نوٽيس پڻ ايجنڊا ۾ شامل آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
13%
1.8m/s
10%
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون