تازه ترين

قومي عوامي تحريڪ 27 هين ترميم ذريعي سنڌ تي امڪاني حملي خلاف سڄي سنڌ ۾ 8 نومبر کان تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
قومي عوامي تحريڪ 27 هين ترميم ذريعي سنڌ تي امڪاني حملي خلاف سڄي سنڌ ۾ 8 نومبر کان تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اياز لطيف پليجي جو چوڻ آهي ته 27ھين آئيني ترميم سنڌ جي وحدت خلاف ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي سازش آهي. جاري ڪيل بيان ۾ اياز لطيف پليجي چيو ته 8 نومبر تي ٿاڻي بولاخان سميت مختلف شھرن ۾ جلسا ۽ ريليون ڪڍيا ويندا. هن چيو ته 18 نومبر تي قمبر شھدادڪوٽ جي شھر وارھ ۽ 22 نومبر تي ننگرپارڪر ۾ ھزارين ماڻھن جون ريليون ۽ جلسا ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته 27 ھين آئيني ترميم سنڌ جي وحدت خلاف ۽ سنڌ جي وسيلن تي مڪمل قبضو ڪرڻ جي سازش آهي، پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بنائڻ جي بارگننگ ۾ ارڙهين ترميم تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ دشمن فيصلن ۾ ن ليگ سان گڏ ڀاڱي ڀائيوار آهي، ھِن وقت 27ھين آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت تي حملو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته 27 ھين آئيني ترميم جي نالي ۾ سنڌ جو سودو ڪيو پيو وڃي،سنڌ تي وار خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
9.9 ° C
9.9 °
9.9 °
19 %
2.2kmh
49 %
خميس
10 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °
آچر
20 °
سُومر
19 °

تازه ترين خبرون