تازه ترين

لاڙڪاڻو: شهيد اهلڪار جي جنازي نماز

- Advertisement -
لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي بقاپور چوڪي تي حملي ۾ شهيد ٿي ويل پوليس جمعدار مشتاق تنيو جي جنازي نماز سرڪاري اعزاز سان پوليس هيڊڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب، ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري، ضلعي جي ڊي ايس پيز، رينجرز عملدارن، شهيد جي وارثن ۽ شهرين وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جو چوڻ هو ته معلومات موجب سول ڪپڙا پهريل 2 ڄڻا آيا شهيد اهلڪار سان ملاقات ڪري رهيا هئا. سندس چوڻ هو ته ڳالهين دوران ڪجهه ٿيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مشتاق تنيو شهيد ٿي ويو، واقعي جي گذريل رات کان جاچ هلي رهي آهي، جلد ڏوهارين کي گرفتار ڪري آخري انجام تائين پهچايو ويندو. سندس چوڻ هو ته واقعي جا شاهد موجود آهن ۽ واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز به هٿ ڪيا ويا آهن، شهيد جي گهر ڀاتين جو خيال ڪنداسين ۽ سنڌ حڪومت طرفان اعلانيل پيڪيج شهيد جي وارثن کي ڏياريو ويندو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري جو چوڻ هو ته شهيد جمعدار بارڊر سمگلنگ ۽ منشيات جي اسپيشل ٽيم جو اهم حصو ۽ انچارج هو جنهن ڏوهارين خلاف ڪاررواين ۾ ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. سندس چوڻ هو ته ڏوهاري ٻڌي ڇڏين پوليس ڪنهن به صورت ڊڄڻ واري ناهي ۽ نه ئي پوئتي هٽندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
51 %
2.9kmh
0 %
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
34 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون