لاڙڪاڻي ۾ جوابدار گهرو اڻبڻت تان پنهنجي گهر واري کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ جڙيو چانڊيو ۾ گهرو اڻبڻت تان جوابدار مڙس پنهنجي گهر واري نصيبا ڏيٿو کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي مقتول عورت جي امڙ ڪلثوم ڏيٿو ٻڌايو ته سندس ڌيءُ کي سندس نياڻي اياز ڏيٿو گهرو اڻبڻت تان ڪهاڙيون هڻي قتل ڪرڻ بعد سندس ٻار کڻي فرار ٿي ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته جوابدار منهنجي ننهن کي پڻ زخمي ڪيو آهي، جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.