تازه ترين

لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس ريجنل آفيس طرفان ڊيٽا فيسٽ سال 2025ع جي حوالي سان آگاهي ريلي ڪڍي وئي

- Advertisement -
لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس ريجنل آفيس لاڙڪاڻو طرفان ڊيٽا فيسٽ سال 2025ع جي حوالي سان آگاهي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ اسٽيٽيڪل آفيسر ذيشان علي ميمڻ، ڊي اِي او پرائمري انيس الرحمان جلباڻي، تعليمي بورڊ جي چيئرمين خالد حسين مهر، ڊي اِي او هاير سيڪنڊري عبدالرشيد چانڊئي، ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر اعجاز حسين جمالي سميت مختلف کاتن جي عملدارن توڙي آفيسرن سميت سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي عملدارن چيو ته ريلي جو مقصد ڊيٽا تي ٻڌل پاليسي سازي، ڊيٽا جي اهميت ۽ ڊجيٽل ٽراسفارميشن جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ آهي جيئن جديد ۽ اعتماد جوڳي انگ اکرن جي فائدن کي عام ڪري سگهجي. هنن چيو ته ڊيٽا فيسٽ 2025ع ۾ اهم شعبن تي ڌيان ڏنو ويندو، ملڪ ۾ پاڪستان اِي، گورننس اِي برابري واري ماحول کي هٿي ڏيڻ ڊجيٽل شموليت ۽ ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا ساز بڻائڻ آهي. سندن چوڻ هو ته قومي اداري طور تي روايتي انگ اکر جمع ڪرڻ جي طريقن کان هٽي ڪري جديد پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي حدف سان سلهاڙيل آهي. هنن چيو ته ڊيٽا مضبوط پاليسي سازي جو بنياد آهي، درست ۽ اعتماد جوڳي ڊيٽا جي ذريعي ڊجيٽل، شفافيت ۽ سال 2025ع ۾ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي ويزن موجب ڊيٽا فيسٽ جي شموليت سان نئين دور جي شروعات ڪري رهيو آهي، ان جي اهميت بابت عام شهرين ۾ آگاهي ڏيڻ انتهائي ضروري آهي، ڇاڪاڻ درست ڊيٽا ئي طرقي يافته ۽ جديد پاڪستان جي ضامن آهي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.8 ° C
9.8 °
9.8 °
14 %
4kmh
0 %
اربع
19 °
خميس
19 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون