تازه ترين

ماضيءَ جي غطلين مان سکي هو اڳتي وڌيا، ملڪي ترقيءَ لاءِ انقلابي قدم کنيا پيا وڃن: وزيراعظم شهبازشريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ماضيءَ جي غطلين مان سکي هو اڳتي وڌيا، ملڪي ترقيءَ لاءِ انقلابي قدم کنيا پيا وڃن. رياض ۾ فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو جي نائين ڪانفرنس تحت اعليٰ سطحي گول ميز بحث دوران ڳالهائيندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته سعودي ولي عهد جي ترقيءَ واري ويزن جي هو آجيان ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، پاڪستان جي 60 سيڪڙو  آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي. شهبازشريف چيو ته ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن، مختلف شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي، ايف بي آر ۾ سڌارا آڻي مڪمل ڊجيٽائز ڪيو ويو، جنهن سان ڪرپشن ۾ وڏي گهٽتائي ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب سخت متاثر ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان ٻوڏ، ڪلائوڊ برسٽ جهڙين  قدرتي آفتن کي منهن ڏنو، جنهن سان اربين ڊالر نقصان ٿيو. شهبازشريف چيو ته متاثرن جي بحالي واري عمل لاءِ کين وڌيڪ فنڊن جي ضرورت هوندي آهي، مسلسل قرضن سان ملڪي معيشت ڪمروز ٿئي ٿي، انسانيت کي صحيح رخ طرف وٺي وڃڻ لاءِ برابريءَ جو سهڪار گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ايَ آءِ سميت جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ لاءِ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي، آرٽيفيشل انٽيليجنس مان فائدو  وٺڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته زرعي شعبي ۾ جدت لاءِ ايَ آءِ مان فائدو ورتو پيو وڃي، زرعي شعبي ۾ جدت لاءِ پاڪستاني نوجوان چين مان تربيت حاصل ڪري رهيا آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
51 %
2.9kmh
0 %
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
34 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون