- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر ۽ سندس گهرواري عائشه سيف وچ ۾ طلاق ٿي وئي آهي.
مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر سماجي رابطن واري ويب سائٽ انسٽاگرام تي زال کان عليحدگيءَ جي تصديق ڪئي.
جنيد صفدر لکيو ته سندس طلاق بابت هلندڙ خبرون سچ آهن، اهو انتهائي ذاتي معاملو آهي، ان ڪري ميڊيا کي درخواست آهي ته سندس پرائيويسي جو احترام ڪيو وڃي.
هن چيو ته کيس اميد آهي ته ان فيصلي سان هن ۽عائشه کي سڪون ملندو، هو ان بابت وڌيڪ ڪجهه به نه ڳالهائيندو.
جنيد صفدر جي نڪاح جي تقريب آگسٽ 2021ع ۾ لنڊن جي لينزبرا هوٽل ۾ ٿي هئي، جڏهن ته شادي ڊسمبر مهيني ۾ پاڪستان ۾ ٿي.- Advertisement -
