تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽيءَ وزيراعظم لاءِ شهبازشريف ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ اياز صادق جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽيءَ وزيراعظم لاءِ شهبازشريف ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ اياز صادق جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي، اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي قائد نوازشريف جو چوڻ آهي ته انشاءَ الله هيءَ حڪومت معيشت ٺيڪ ڪندي، خواهش آهي ته هر اسيمبلي، سينيٽ ۽ وزيراعظم پنهنجو مدو پورو ڪري. ن ليگ جي پارلياماني پارٽيءَ جو اجلاس نوازشريف ۽ شهبازشريف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پارلياماني پارٽي نوازشريف ۽ شهبازشريف جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو. اجلاس دوران وزيراعظم لاءِ شهبازشريف جو نالو پيش ڪيو ويو، جنهن جي منظوري ڏني وئي. ن ليگ جي پارلياماني پارٽيءَ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ اياز صادق جي نالي جي منظوري پڻ ڏني. اجلاس کي خطاب ڪندي ن ليگ جي قائد نوازشريف چيو ته  شهبازشريف وزيراعظم ۽ اياز صادق قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ اميدوار هوندو. هن چيو ته پاڪستان زخمي آهي، ملڪ کي ڏکيائين ۽ مصيبتن مان ڪڍڻو آهي. سندس چوڻ هو ته ايندڙ  ڏيڍ سال ڏکيو هوندو، کين متحد رهڻو آهي، هو ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍندا. نوازشريف چيو ته کيس ڪڍندڙن ملڪ سان وڏو ظلم ڪيو، اڄ اهي ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙا ناهن رهيا، کيس هٽائڻ ۾ ججن کانسواءِ ٻيا رانديگر به شامل هئا. ن ليگ جي قائد چيو ته سياست ڀلي ڪئي وڃي پر ملڪي نظام کي خطري ۾ نه وڌو وڃي، پي ٽي آءِ جي ڌرڻن سبب ملڪ کي نقصان پهتو ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته آزاد اميدوارن غير مشروط طور ن ليگ ۾ شموليت ڪئي آهي، جنهن بعد سندن انگ 104 ٿي ويو آهي. ان کان اڳ پارليامينٽ آمد تي صحافين سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته سياسي عدم استحڪام جي ڪا به ڳالهه ناهي. هن چيو ته خواهش آهي ته هر اسيمبلي، سينيٽ ۽ وزيراعظم پنهنجو مدو پورو ڪري. نوازشريف چيو ته حڪومت معيشت ٺيڪ ڪندي ته سڀ ٺيڪ هوندو، انشاءَ الله سياسي ۽ معاشي استحڪام ايندو. ن ليگ جي قائد چيو ته ڪو مسئلو ناهي، حڪومت ايندي ئي معيشت ٺيڪ ڪندي. نوازشريف چيو ته سمورا معاملا معيشت تي ڳنڍيل آهن، اها ٺيڪ تي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿيندو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
38 %
1kmh
100 %
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
18 °

تازه ترين خبرون