تازه ترين

مشهور پاڪستاني اداڪار فلائيٽ دوران عورت کي پروپوز ڪيو ۽ مڱڻي ڪري ورتي، وڊيو وائرل

- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستاني اداڪار عمر عالم فلاءِ جناح دوران جي اڏام دوران پنهنجي دوست کي شاديءَ جي آڇ ڪري مڱڻي ڪري ڇڏي.

فلاءِ جناح محبت کي نين بلندين تائين پهچائي ڇڏيو آهي.

فلاءِ جناح جي ٽيم جي مدد سان عمر هڪ اهڙو سرپرائيز پلان ڪيو جنهن سندس دوست کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ خاص لمحي کي يادگار بڻائي ڇڏيو.

ريئلٽي شو تماشا جي پهرين سيز جي فاتح عمر عالم فلاءِ جناح جي اڏام دوران ئي  پنهنجي پسند جي ڇوڪري پرپوز ڪيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

اداڪار عمر عالم به  پنهنجي زندگي جي خاص ترين لمحي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عمر عالم فلاءِ جناح جي اڏام دوران ڀريل جهاز ۾  پنهنجي پسند جي ڇوڪريءَ سان محبت جو اظهار ڪندي شادي جي آڇ ڪري رهيو آهي.

جواب ۾ ناري راضپو ظاهر ڪندي مڱڻي به پهري ڇڏي، جڏهن ته جهاز جي مسافرن طرفان ٻنهي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
37 %
3.3kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
29 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون