تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سياسي مخالفن جي ڪردار ڪشي کيس وڌيڪ مضبوط ڪيو: وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز

- Advertisement -
وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته سياسي مخالفن جي ڪردار ڪشي کيس وڌيڪ مضبوط ڪيو، هاڻي مخالف گاريون ڏين يا نعرا هڻن مٿس ڪو به فرق نه پوندو آهي، نوجوان نسل کي گارگند ۽ بداخلاقي جي تربيت نه ڏيڻ گهرجي، ملڪ جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي،  پنجاب حڪومت هلندڙ سال 30 هزار اسڪالرشپ ڏيندي، 60 سيڪڙو اسڪالرشپ نياڻين کي ڏني پئي وڃي،  حڪومت عوام جو پئسو عوام تي ئي خرچ ڪري رهي آهي. هونهار اسڪالر شپ پروگرام جي فيز ٽو جي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جن ٻارن کي اسڪالر شپ ملي کين مبارڪ هجي، ملڪ جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب حڪومت 30 هزار اسڪالرشپ ڏيندي، 60 سيڪڙو اسڪالرشپ نياڻين کي ڏني پئي وڃي، ڪوشش آهي ته ايندڙ سال اسڪالر شپ کي 50 هزار تائين وڌايو وڃي. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو ته اميرن جا ٻار يونيورسٽين ۾ وڃي سگهن ٿا ته محنتي ٻار به ساڳين ئي ادارن ۾ پڙهي سگهن ٿا، اهو اوهان جو حصو هو جيڪو ڏنو. هن چيو ته اوهان جا پيسا تعليم تي خرچ نه ٿيا ته ان پيسي جو ڪهڙو فائدو آهي؟، اوهان پنهنجي في کي ڇڏي پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏيو. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو ته سياسي مخالفن جي ڪردار ڪشي کيس وڌيڪ مضبوط ڪيو، هاڻي مخالف گاريون ڏين يا نعرا هڻن مٿس ڪو به فرق نه پوندو آهي، نوجوان نسل کي گارگند ۽ بداخلاقي جي تربيت نه ڏيڻ گهرجي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
16 %
3.4kmh
32 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون