- Advertisement -
ايف بي آر چيئرمين راشد لنگڙيال چيو آهي ته مضبوط قدمن سبب ٽيڪس اوڳاڙي ۾ اضافو ٿيو آهي، ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ 59 لک کان وڌي ويو آهي، سمورا ادارا ايف بي آر سان سهڪار ڪري رهيا آهن، پهريون ڀيرو ٽيڪس ٽو ڊي جي پي ۾ هڪ ڏهائي پنج سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.
اسلام آباد ۾ حڪومتي معاشي ٽيم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي راشد لنگڙيال چيو ته ايف بي آر کي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
سندس چوڻ هو ته ايف بي آر ۾ سڌارا لاڳو ڪرڻ ۾ وقت جي ضرورت هوندي آهي، ٽيڪس بابت بجيٽ ۾ منظور ٿيل قدمن تي عمل ڪيو پيو وڃي، هاڪاري قدمن سبب ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو آهي.
ايف بي آر چيئرمين چيو ته ٽيڪس سڌارن ۾ وقت گهربل هوندو آهي، پهريون ڀيرو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح ۾ هڪ ڏهائي 5 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.
راشد لنگڙيال چيو ته کين ٽيڪس اوڳاڙي ي جي ڊي پي جي 18 سيڪڙو تائين پهچائڻو آهي، ٽيڪس سڌارا هڪ سال ۾ مڪمل نٿا ٿي سگهن، هن سال انڪم ٽيڪس گوشوارن ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي……..
- Advertisement -
