تازه ترين

ملڪي معيشيت جو رخ درست آهي: ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي معيشيت جو رخ درست آهي، عالمي ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي معاشي استحڪام جو اعتراف ڪيو آهي، ٽيڪس نظام ۽ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ سڌارا آندا پيا وڃن. اسلام آباد ۾ ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال، توانائي واري وزير اويس لغاري، آءِ ٽي واري وزير شزا فاطمه ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ سان معيشيت تي بهتر اثر ٿيا آهن. سندس چوڻ هو ته جٽادار معاشي استحڪام لاءِ سڌارا ڪرڻا پوندا، پينشن ۽ رائيٽ سائزنگ به معاشي سڌارن جو اهم حصو آهن. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو معاشي استحڪام جي منظوري آهي، عالمي معاشي ريٽنگ ايجنسين ملڪي معيشيت بهتر ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي. محمد اورنگزيب چيو ته چين، آمريڪا ۽ نار سهڪاري ڪائونسل پاڪستان جي مدد ڪئي، هنن ميڪرو اڪنامڪ استحڪام بابت اهم ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته اسٽرڪچرل سڌارا مستحڪم گروٿ لاءِ ضروري آهي، ميڪرو اڪنامڪ کانپوءِ اسٽرڪچرل سڌارن جو قدم آهي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
21 %
1.1kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °
آچر
20 °
سُومر
19 °

تازه ترين خبرون