تازه ترين

ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن: مسلم ليگ ن اڳواڻ دانيال چوڌري

- Advertisement -
مسلم ليگ ن اڳواڻ دانيال چوڌري چيو آهي ته ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، شڪيل خان جي استعيفيٰ ڪي پي حڪومت ۾ ڪرپشن جو ثبوت آهي،  علي امين گنڊا پور جيڪو ڪم شروع ڪيو آهي تنهن جو مثال نه ٿو ملي، خيبرپختونخوا ۾ ڪرپشن ڪندڙن جي احتساب جو ڪو به ادارو ناهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانيال چوڌري چيو ته ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، خيبرپختونخوا ۾ ڪرپشن ڪندڙن جي احتساب جو ڪو به ادارو ناهي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف حڪومتي دور ۾ ڪرپشن عروج تي هئي، صوبائي وزير شڪيل خان جي استعيفيٰ ڪي پي ۾ ڪرپشن جو ثبوت آهي. مسلم ليگ ن اڳواڻ دانيال چوڌري چيو ته فوج ۾ خود احتسابي جو عمل سٺو سنوڻ آهي، 9 مئي سانحو وسارڻ جوڳو ناهي، ڏوهارين کي سزا ملڻ گهرجي، 9 مئي تي شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، پاڪ فوج جي شهيدن پنهنجو اڄ سندس سڀاڻي لاءِ قربان ڪيو. هن چيو ته جيڪو به ملڪ جون پاڙيون ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، سندس احتساب ضروري آهي، تحريڪ انصاف ملڪ جو ڏيوالو ڪڍڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪيو. مسلم ليگ ن اڳواڻ دانيال چوڌري چيو ته ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، پاڪ فوج جي شهيدن جو رت رائيگان نه وڃڻ ڏنو ويندو، قوم ڏسندي ڏوهارين جو ڪيئن احتساب ٿيندو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
21 %
2.8kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون