تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي مهانگو پڙ پئجي ويو

- Advertisement -
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي مهانگو پڙ پئجي ويو، ڊي آءِ جي جيل حيدرآباد سميت چئن اهلڪارن کي بدلي ڪيو ويو. آءِ جي جيل قاضي نذير احمد، ڊي آءِ جي جيل حيدرآباد منور علي شاھ  ۽ اسسٽنٽ  جيل سپريڊنٽ عزيم قادر ٿيٻو سميت چئن اهلڪارن کي بدلي ڪري رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. آءِ جي جيل طرفان جاري ڪيل آرڊر ۾ ڊي آءِ جيل سيد منور علي شاھ کي سندس عھدي تان ھٽائي کيس آءِ جي جيل آفيس رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ محمد ناصر خان کي ڊي آءِ جي جيل حيدرآباد جي اضافي چارج ڏني وئي آھي. ميرپورخاص سينٽرل جيل جي اسسٽنٽ سپريڊنٽ عظيم قادر ٿيٻو، پوليس اھلڪار گلزار ملڪاڻي، مسعود ڀٽي ۽ محمد بخش مري کي پڻ آءِ جي جيل آفيس رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي. ڊي آءِ جي جيل سيد منور علي شاھ ھڪ ڏينھن اڳ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد ميرپورخاص جي اڳوڻي ٽرانسپورٽر ۽ اليڪشن ۾ آزاد اميدوار طور بيٺل سلامت لاکي کي ميرپورخاص سينٽرل جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو. هوڏانهن رابطي تي سينٽرل جيل جي سينيئر سپريڊنٽ اشفاق احمد ڪلوڙ قيدي سلامت لاکي جي رات جي وقت حيدرآباد کان ميرپورخاص جيل منتقلي جي تصديق ڪندي چيو تھ سلامت لاکي کي اعليٰ اختيارين جي بنا اجازت منتقل ڪيو پئي ويو، جنھن تي هُنن سندس حوالگي کان انڪار ڪيو، جنھن بعد کيس ٻيھر حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ھن ميرپورخاص جيل جي اسسٽنٽ سپريڊنٽ ۽ ٽن اھلڪارن کي رپورٽ ڪرڻ واري معاملي تي ڳالھائيندي چيو تھ ممڪن آھي غفلط سبب ڄاڻايل عملدارن کي آءِ جي جيل آفيس رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو ھجي. ھوڏانھن سلامت لاکي جي پٽ سلطان لاکي الزام ھنيو آھي تھ سندس والد تي سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ٿيل ھئا، ان ڪري کيس ھڪ جيل کان ٻئي جيل منتقل ڪيو پيو ويو، جنھن بعد ھنن ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري والد کي حيدرآباد جيل ۾رکرايو. ھن الزام ھنيو تھ مٿي ڄاڻايل عملدارن وڏي سازش ڪري پھرين ميرپورخاص جيل ۾ سندس والد سلامت لاکي جي مخالف مري قيدين کي الڳ الڳ کولين مان ڪڍي ھڪ بيرڪ ۾ رکيو ۽ اتي ئي سندس والد کي منتقل ڪيو پئي ويو، جتي کيس نقصان پھچائڻو ھو. ھن الزام ھنيو تھ اهڙي سازش ۾ مخالف درياءَ خان مري، خانو مري، علي حسن مري ۽ جيل عملدار ملوث آھن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
12 %
5.9kmh
40 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون