- Advertisement -
ننگرپارڪر واري علائقي ۾ چيتو ڏسي شهري پريشان ٿي ويا
ٻن ڏينهن کان جهنگ ۾ چيتو ڦرندي ڏٺو ويو، جنهن سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو.
علائقي واسين ٻڌايو ته چيتو رات جي وقت ڪارونجهر ويجهو نظر آيو، جنهن سبب چوپايو مال به خطري ۾ پئجي ويو آهي.
هنن وائلڊ لائيف کاتي ۽ ضلعي انتظاميه ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته چيتي کي فوري طور پڪڙي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو وڃي جيئن ڪنهن امڪاني جاني يا مالي نقصان کان بچي سگهجي.
هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪنزويٽر دارا منير قاضي چيو ته چيتي جا اطلاع مليا آهن وائلڊلائيف جي ٽيم رواني ڪئي هئي جيڪا علائقي واسين سان رابطي ۾ آهي جيئن چيتو ڏٺو ته پڪڙي وٺندا…
- Advertisement -
