نوابشاهه ۾ مڪاني کاتي جي ملازمن بااثرن طرفان عورت صفائي عملي تي تشدد ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.
اولڊ ٽائون يوسي 9 جي مڪاني کاتي جي ملازمن جو تاج ڪالوني ۾ بااثرن طرفان صفائي ڪندڙ عورت عملي تي تشدد ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
سيمه، شبانه، آفتاب ڀٽي، جاويد شر ۽ ٻين جو چوڻ هو تهاڄ صبح اهي تاج ڪالوني جي گهٽين ۾ ٻھارو ڏئي صفائي ڪري رھيا هئا ته ھڪ بااثر چيو ته سندس گھر جي به صفائي ڪري ڏني وڃي.
سندن چوڻ هو ته صفائي عملي طرفان گهر جي صفائي ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي بااثر طرفان صفائي ڪندڙ عورتن تي تشدد ڪري کين زخمي ڪيو ۽ تذليل جو نشانو پڻ بڻايو ۽ خراب نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون.
سندن چوڻ هو ته اهي بااثر خلاف اي سيڪشن ٿاڻي ويا ته پوليس کين ميڊيڪل ليٽر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ سندن فرياد به داخل نه ڪئي.
ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڪم ڇڏ ھڙتال ڪئي ويندي.