- Advertisement -
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو انٽوني بلنڪن سان ملاقات ۾ حماس جي قيد ۾ يرغمالين جي آزاديءَ بابت آمريڪا جي نئين تجويز جي آجيان ڪئي ۽ حمايت جو يقين ڏياريو.
اسرائيلي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن وزيراعظم نيتن ياهو سان 3 ڪلاڪ ملاقات ڪئي ۽ غزه ۾ جنگ بندي ڳالهين بابت مختلف نقطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
آمريڪي پرڏيهي وزير اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي حماس جي قيد ۾ بڻيل اسرائيلي قيدين جي آزادي لاءِ ڪجهه تجويزون پيش ڪيون. ٻنهي اڳواڻن تجويز جي فائدن ۽ نقصانم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو يرغمالين جي آزادي جي آمريڪي تجويز جي حمايت ڪئي.
اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس مان جاري ڪيل پيغام ۾ ملاقات کي مثبت قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته هو يرغمالين جي آزادي بابت آمريڪي تجويز جي آجيان ڪن ٿا. جيڪو اسرائيل جي سيڪيورٽي ضرورتن کي نظر ۾ رکي ٿو ۽ جنهن تي عمل ڪرڻ تي اسان زور ڀريون ٿا.
اهو اڃا واضح ناهي ته نئين آمريڪي تجويز ڇا آهي ۽ حماس جو ان تي موقف ڇا آهي، پر دوحا ۾ ڳالهين ڪندڙن دعويٰ ڪئي آهي ته اهي تجويزون نه رڳو اسرائيل پر حماس لاءِ به قابل قبول هونديون……………- Advertisement -
