- Advertisement -
چين جي اتر علائقن ۾ سخت برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.
چيني صوبي ليائوننگ جي شهر دالين ۾ طوفاني برسات سبب روڊ رستا تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، روڊن تي بيٺل گاڏيون برساتي پاڻيءَ ۾ لڙهي ويون، جڏهن ته برسات سبب مختلف حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.
موسميات کاتي موجب دالين ۾ هڪ ڪلاڪ ۾ 30 کان 40 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، وڌيڪ برساتن نظر ۾ رکندي اختيارين شهرين کي احتياطي اپاءَ وٺڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.- Advertisement -
