تازه ترين

نيويارڪ ۾ اسلامو فوبيا جي ڪابه گنجائش ناھي: ظھران ممداني جو ميئر ٿيڻ کانپوءِ پھريون خطاب

- Advertisement -
آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ ميئر جي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري تاريخ لکندڙ پهرين مسلمان ميئر ظهران ممداني چيو آهي ته نيويارڪ جي اليڪشن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اميد اڃا زنده آهي، نيويارڪ ۾ هاڻي اسلامو فوبيا جي ڪابه گنجائزش نه آهي. نيويارڪ جي پهرين مسلم ميئر ظهران ممداني ڪاميابيءَ کانپوءِ پهرين خطاب ۾ چيو ته اڄ جي اليڪشن ثابت ڪري ڇڏيو ته اميد اڃا به زنده آهي، اڄ خوف جي شڪست ۽ اميد جي ڪاميابي ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته نيويارڪ ۾ مورثي سياست جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي، هي شهر اوهان جو آهي، جمهوريت به اوهان جي آهي ۽ مستقبل اسان جي هٿن ۾ آهي. ظهران ممداني نيويارڪ جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته نيويارڪ جي عوام تبديلي کي ووٽ ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته ٽيڪسي ڊرائيورن، نرسنگ ورڪنگ ڪلاس جو ٿورائتو آهيان، هي شهر اوهان جو آهي، جمهوريت به اوهان جي آهي، اسان ليٽر شپ جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهيون. نيويارڪ جي ميئر جو چوڻ هو ته هڪ هزار کان وڌيڪ رضاڪارن جي مهم ۾ حصو وٺڻ تي ٿورائتو آهيان، اهو سڀ اوهان جي ڪري ممڪن ٿيو آهي. ظهران ممداني جو چوڻ هو ته اوهان جي لاءِ وڙهنداسين ڇو ته اسان توهان مان آهيون، سڪيورٽي ۽ انصاف سڀني کي فراهم ڪيو ويندو، اوهان سڀني جي جدوجهد اسان جي جدوجهد آهي. سندس چوڻ هو ته نيويارڪ ۾ اسلامو فوبيا جي ڪابه گنجائش نه آهي، مان هڪ مسلمان ۽ ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ آهيان، پهرين جنوري 2026ع کان اسان هڪ اهڙي شهري حڪومت ٺاهينداسين جيڪا سڀني جي لاءِ فائديمند هوندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8 ° C
8 °
8 °
15 %
1kmh
0 %
سُومر
8 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
19 °
جمعو
20 °

تازه ترين خبرون