تازه ترين

وارهه ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، حادثي ۾ فوت ٿي ويل سڌير ٻرڙو جي وارثن طرفان ڌرڻو هنيو ويو

- Advertisement -
وارهه ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، حادثي ۾ فوت ٿي ويل سڌير ٻرڙو جي وارثن طرفان ڌرڻو هنيو ويو. وارهه-لاڙڪاڻو روڊ تي ورند ماڇي لاڙي وٽان گاڏي مان سبزي لاهڻ دوران ڪار ٻن نوجوانن سڌير ٻرڙو ۽ اشرف سولنگي کي ٽڪر هنيو. حادثي جي نتيجي ۾ ۾ سڌير ٻرڙو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، اشرف سولنگي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد ٻنهي ڄڻن جا مڙهه سندن وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. حادثي ۾ فوت ٿي ويل سڌير ٻرڙو جي وارثن ضمير، لياقت، آصف ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ ڪار اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو. هنن پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوانن کي ڪار جو ٽڪر هڻندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
4.2 ° C
4.2 °
4.2 °
20 %
1.8kmh
0 %
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
14 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون