وزيراعظم شهبازشريف، اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ سميت مختلف ڪميٽيون جوڙي ورتيون

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف، اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ سميت مختلف ڪميٽيون جوڙي ورتيون آهن. ايِ سي سي جو چيئرمين وزيراعظم شهبازشريف پاڻ هوندو، ناڻي وارو وزير، واپار، اقتصادي معاملن، توانائي، پئٽروليم ۽  رٿابندي واري وفاقي وزير ايِ سي سي جا ميمبر هوندا. وزيراعظم، ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي، جنهن جي صدارت هو پاڻ ڪندو، ڪميٽيءَ ۾   توانائي، اقتصادي، ناڻي، پئٽروليم ۽ رٿابندي وارن وزيرن کي ميمبر بڻايو ويو آهي. شهبازشريف سيڙپڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي به جوڙي ورتي، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ميمبر هوندو. وزيراعظم شهبازشريف حڪومتي ڪمپنين بابت ڪابينا ڪميٽي به جوڙي ڇڏي، جنهن جو چيئرمين ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب هوندو. شهبازشريف، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جي سربراهيءَ ۾ قانون بابت ڪابينا ڪميٽي به جوڙي ورتي آهي، جڏهن ته رٿابندي واري وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ سيڙپڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جوڙي وئي. ڪابينا ڊويزن سمورين ڪميٽين جا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
27%
3.4m/s
1%
اربع
26 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون