- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف ۽ ن ليگ جي صدر نوازشريف وچ ۾ ملاقات ٿي آهي.
وزيراعظم شهبازشريف ۽ نوازشريف وچ ۾ ملاقات جاتي امرا رائونڊ ۾ ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ذريعن موجب وزيراعظم شهبازشريف، آزاد ڪشمير ۾ حڪومت جي تبديلي ۽ پ پ جي مطالبن بابت نوازشريف کي آگاهه ڪيو.
وزيراعظم پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهين ۽ ٽياڪڙ ملڪن جي ڪوششن تي به نوازشريف کي اعتماد ۾ ورتو.
ملاقات دوران پنجاب ۾ ننڍي چونڊ بابت حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون ويون.
نوازشريف عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي منصوبن کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
ملاقات ۾ قومي ۽ اندروني سلامتي بابت معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.- Advertisement -
