- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف جي آڇ باوجود تحريڪ انصاف سان باضابطا ڳالهيون شروع نه ٿي سگهيون، مخالف ڌر اڃا تائين ڳالهين لاءِ اسپيڪر آفيس سان ڪنهن به قسم جو رابطو نه ڪيو، اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف ميمبر روزاني ملاقاتون ڪندا آهن پر ڳالهين بابت ڪنهن به قسم جو اشارو نه ڏنو آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين لاءِ سندس آفيس حاضر آهي.
پارلياماني ذريعن موجب، وزيراعظم جي آڇ باوجود تحريڪ انصاف سان باضابطا ڳالهيون شروع نه ٿي سگهيون.
حڪومتي ذريعن موجب، اسد قيصر ۽ جنيد اڪبر سان حڪومتي وفد جي ملاقات مسئلن جي بنياد تي هئي.
تحريڪ انصاف جي قيادت يا مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود اچڪزئي باضابطه ڳالهين بابت ڪوبه جواب نه ڏنو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر ڳالهين لاءِ اسپيڪر آفيس سان به رابطو نه ڪيو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته تحريڪ انصاف جا ميمبر روزانو ساڻس ملندا آهن پر هنن ڳالهين بابت ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي، ڳالهين لاءِ سندس آفيس هر وقت حاضر آهي.
حڪومتي ذريعن موجب، حڪومت ۽ مخالف ڌر ميمبرن ۾ ايوان ۾ ملاقاتون جاري آهن پر ڳالهين بابت وزيراعظم جي آڇ تي جواب جا منتظر آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف باضابطه ڳالهين لاءِ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي.- Advertisement -
