وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي وزيرن جي تازي بيان بازي جو نوٽيس وٺندي هڪ ٻئي خلاف سياسي بيان بازي کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

- Advertisement -
  وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي وزيرن جي تازي بيان بازي جو نوٽيس وٺندي هڪ ٻئي خلاف سياسي بيان بازي کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت جو سمورو ڌيان عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي منصوبن تي آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت معاشي استحڪام کان جٽادار معاشي ترقي ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي عالمي سطح ۽ سفارتي محاذ تي الله تعاليٰ ڪيترين ئي اهم ڪاميابين سان نوازيو آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت هميشه تعمير ۽ ترقي جي سياست کي هٿي ڏني آهي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته وفاقي ڪابينا جي سمورن وزيرن کي هدايت ڪري ٿو ته هو هڪ ٻئي خلاف سياسي بيان بازي کان پاسو ڪن. هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي ميمبرن وچ ۾ معاملا ڳالهه ٻولهه، سمجهه ۽ اتفاق راءِ سان اڳتي وڌڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته وفاقي وزيرن جي هڪ ٻئي خلاف بيان بازي سان ناڪاري تاثر پيدا ٿئي ٿو ۽ تعمير ۽ ترقي جي سياست تان ڌيان هٽي وڃي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته وفاقي وزير بهتر ڪم ڪري رهيا آهن، سندن ڌيان رڳو عوامي خدمت ۽ تعمير ۽ ترقي تي رهڻ گهرجي. شهباز شريف چيو ته صوبائي حڪومتن جا نمائندا به اهڙي بيان بازي کان پاسو ڪن ۽ هاڪاري ڳالهه ٻولهه کي هٿي ڏين. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته هڪ ٻئي خلاف بيان بازي مڪمل طور بند ٿيڻ گهرجي، سياسي استحڪام لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ هنن سڀني جو فرض آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
13%
1.8m/s
10%
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون