تازه ترين
سک اڳواڻن جي قتل سبب ڊگهي سفارتي ڇڪتاڻ کانپوءِ ڀارت ۽ ڪينيڊا وچ ۾ لاڳاپا بحال ٿي ويا آهن ڪنڌڪوٽ: راڪيٽ لانچر جو گولو ڦاٽڻ سبب 3 ڌنار مارجي ويا، واقعي سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ وفاقي آئيني عدالت ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججن جي درخواست سپريم ڪورٽ واپس موڪلڻ... سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪارونجهر سان لاڳاپيل ٻه اهم ڪيس سپريم ڪورٽ مان آئيني عدالت منتقل ميرپور ماٿيلو ويجهو نوجوان والد جي نشي وپرائڻ واري عمل تي ساڻس ڪاوڙجي آپگهات ڪري ڇڏيو اوٻاوڙو ۽ ڀرپاسي بدامني وڌي وئي آهي، مريد شاخ ۾ هٿياربندن دڪاندار کي يرغمال بڻائي 20 لک رپيا ڦر ڪيا،... ڪوٽڏيجي جي تاريخي قلعي مان توپ جا قيمتي ڪڙا چوري وارهه ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، حادثي ۾ فوت ٿي ويل سڌير ٻرڙو جي وارثن طرفان ڌرڻو هنيو ويو صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي جي مذمت پشاور ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي جي ڪوشش، آپگھاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، 3اهلڪار شھيد، 3...

وفاقي آئيني عدالت ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججن جي درخواست سپريم ڪورٽ واپس موڪلڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

- Advertisement -
وفاقي آئيني عدالت ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججن جي درخواست سپريم ڪورٽ واپس موڪلڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس بابر ستار، جسٽس طارق جهانگيري، جسٽس اعجاز اسحاق خان ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته انهن جي انٽراڪورٽ اپيل کي آئيني عدالت ۾ منتقل ڪرڻ آئيني طور تي سپريم ڪورٽ جي اختيار جي دائري ۾ اچي ٿو. وفاقي آئيني عدالت درخواست خارج ڪندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي اپيل پيروي نه ٿيڻ جي بنياد تي رد ڪئي وڃي ٿي. لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۽ پي ٽي آءِ باني جون ٻيون اپيلون، طاهر فراز عباسي، ڪراچي بار ايسوسيئيشن، رياست علي آزاد ۽ شعيب شاهين جون انٽرا ڪورٽ اپيلون به پيروي نه ٿيڻ جي بنياد تي خارج ڪيون ويون آهن. وفاقي آئيني عدالت پي ٽي آءِ باني سان ملاقات يا هدايتون حاصل ڪرڻ جي استدعا به رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس امين الدين خان واضح ڪيو ته عدالت اهڙا آرڊر جاري نٿي ڪري سگهي ۽ ملاقات جي لاءِ ان عدالت سان رابطو ڪيو وڃي جتي سزا ٿي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
5 ° C
5 °
5 °
21 %
2kmh
0 %
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
14 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
14 °

تازه ترين خبرون