تازه ترين

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي،جي شاهه اويس نوراني سان ملاقات

- Advertisement -
- Advertisement -

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، جميعت علماءَ پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل علاما شاهه اويس نوراني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾  مذهبي ڀائيچاري ۽ قومي اتحاد بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ڪنهن به بيگناهه ماڻهو خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي ۽ بيگناهه ماڻهن کي آزاد ڪيو ويندو، ڪنهن به مدرسي کي بند نه ڪيو ويندو ۽ وڳوڙين کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي به قانون ٽوڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، رياست خلاف ڪنهن کي به هٿيار کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

هن چيو ته قائداعظم جي پاڪستان ۾ وڳوڙي عنصرن ۽ انتهاپسندن جي ڪابه گنجائش ناهي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته بدامني، ڏڦيڙ ۽ انتهاپسندي پکيڙيندڙ عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، مذهبي ڀائيچاري ۽ صبر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عالم سڳورن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.

محسن نقوي چيو ته جٽادار امن ۽ ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سمورن طبقن کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ديني تعليم کي هٿي ڏيڻ سڀني جو گڏيل فرض آهي.

جميعت علماءَ پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل علاما شاهه اويس نوراني چيو ته هو ملڪ ۾ جٽادار امن ۽ ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندا…….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
15 %
0.7kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون