- Advertisement -
وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت سازي تي مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي به قومي اسيمبليءَ جي آزاد ميمبرن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا، اين اي 146 ميان چنون تان ڪامياب آزاد ميمبر پير ظهور حسين قريشي سان پ پ رابطو ڪيو آهي.
پير ظهور حسين قريشي، شاهه محمود قريشي جو ڀاڻيجو آهي، هو تحريڪ انصاف جي حمايت کانسواءِ ايم اين اي چونڊيو آهي.
ذريعن موجب، مسلم ليگ نون جي ڪميٽي پاران 30 کان وڌيڪ آزاد ميمبرن سان رابطا آهن، شام تائين وڌيڪ آزاد ميمبر ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پهريان ٻئي پارٽيون آزاد ميمبرن ۽ ننڍن اتحادين سان ملي ڪري وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنديون.
ذريعن موجب، پيپلزپارٽي وزيراعظم جي عهدي واري مطالبي تي قائم آهي، مسلم ليگ ن طرفان عهدو پاڻ وٽ رکڻ جي فيصلي تان پوئتي هٽڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ کي پيپلزپارٽي جي مقابلي ۾ وڌيڪ آزاد ميمبرن جي حمايت حاصل آهي.- Advertisement -
