تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت سازي تي مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار

- Advertisement -
وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت سازي تي مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي به قومي اسيمبليءَ جي آزاد ميمبرن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا، اين اي 146 ميان چنون تان ڪامياب آزاد ميمبر پير ظهور حسين قريشي سان پ پ رابطو ڪيو آهي. پير ظهور حسين قريشي، شاهه محمود قريشي جو ڀاڻيجو آهي، هو تحريڪ انصاف جي حمايت کانسواءِ ايم اين اي چونڊيو آهي. ذريعن موجب، مسلم ليگ نون جي ڪميٽي پاران 30 کان وڌيڪ آزاد ميمبرن سان رابطا آهن، شام تائين وڌيڪ آزاد ميمبر ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پهريان ٻئي پارٽيون آزاد ميمبرن ۽ ننڍن اتحادين سان ملي ڪري وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنديون. ذريعن موجب،  پيپلزپارٽي وزيراعظم جي عهدي واري مطالبي تي قائم آهي، مسلم ليگ ن طرفان عهدو پاڻ وٽ رکڻ جي فيصلي تان پوئتي هٽڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ کي پيپلزپارٽي جي مقابلي ۾ وڌيڪ آزاد ميمبرن جي حمايت حاصل آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
13 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
few clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
25 %
2.5kmh
17 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون