- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، برساتن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ سڀاڻي سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ اڌ ڏينهن جي ڊيوٽي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امڪاني برساتون پوڻ بابت اجلاس ٿيو.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه طرفان بريفنگ ڏني.
بريفنگ ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي اترين علائقن ۾ اڄ رات کان 2 مارچ تائين برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته پهرين مارچ تي صوبي جي وچ وارن علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.
اجلاس ۾ مڪاني ادارن، انتظاميا ۽ اسپتالن کي هاءِ الرٽ رهڻ ۽ سڀاڻي ڪراچي ۾ سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ هاف ڊي ڊيوٽي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
مراد علي شاهه سڀاڻي عوام کي گهرن تائين محدود رهڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته سڀاڻي منجهند 2 وڳي کانپوءِ ڪراچي ۾ برسات پوڻ جو امڪان آهي، شهري غيرضروري طور گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن.- Advertisement -
