تازه ترين

دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي جوانن ڀرپور نموني حصو ورتو : آرمي چيف

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي جوانن ڀرپور نموني حصو ورتو، گڏيل مشقن سان مشقن سان فوجي مهارتون بهتر ٿين ٿيون. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان آرمي ٽيمز اسپرٽ مقابلا پڄاڻي تي پهتا، جنهن جي لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ آرمي چيف جنرل  عاصم منير خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مقابلن ۾ شرڪت ڪندڙن 60 ڪلاڪن جي سخت پئٽرولنگ مشق ۾ حصو ورتو، پاڪ فوج جي ستن ٽيمن مقابلن ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر چيو ته آمريڪا، سعودي عرب، ترڪي ۽ قطر سميت پندرهن دوست ملڪن جي ٽيمن پڻ مقابلن ۾ حصو ورتو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته چين، جرمني ۽ انڊونيشيا ڇهن ملڪن جا مبصر به شامل هئا، پئٽرولنگ مشقون 25 کان 27 فيبروري تائين جاري رهيون. آرمي چيف مشقن ۾ بهترين مهارت ڏيکارڻ جي تعريف ڪئي. سندس چوڻ هو ته اهڙن مقابلن سان هڪٻئي جي تجربن مان فائدو  وٺڻ جو موقعو ملي ٿو، مشقن سان فوجي مهارتون بهتر ٿين ٿيون، اهڙا مقابلا جوانن جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ٿا. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نوجوانن ۽ ٽيمن ۾ انعام ورهايا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون