تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

يورپ ۾ جوڙا تقريب جو خرچ ڪڍڻ لاءِ پنهنجي ئي شادي جا ڪارڊ وڪرو ڪرڻ لڳا

- Advertisement -
فرانس ۽ اٽلي ۾ شاديءَ جي حوالي سان هڪ منفرد ۽ دلچسپ رجحان سامهون آيو آهي، جتي هاڻ ماڻهو پئسا ڏئي ٻين جي شادين ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. هاڻي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ دعوت نامي جي ضرورت ناهي، رڳو هڪ ٽڪيٽ خريد ڪريو ۽ ڪنهن ٻئي جي خوشيءَ جو حصو بڻجي وڃو. فرانس جي هڪ عورت، ڪاتيه ليڪارسڪي، 2025 جي شروعات ۾ هڪ اسٽارٽ اپ ‘انوائٽ’ جي بنياد رکي، جنهن جو مقصد شاديءَ ۾ شرڪت جا خواهشمند ماڻهن کي اهڙين شادين تائين پهچ ڏيڻ هو، جتي کين دعوت نه هوندي، اهو خيال تڏهن سامهون آيو، جڏهن ڪاتيه جي پنج ورهين جي ڌيءَ سوال ڪيو، “اسان کي شادين ۾ ڇو نه سڏيو ويندو آهي؟” ڪاتيه ان خيال کي حقيقت جو روپ ڏنو ۽ هاڻ ‘انوائٽ’ پليٽ فارم تي ڪيترائي جوڙا پنهنجي شادين ۾ شرڪت لاءِ ٽڪيٽون وڪرو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ماڻهو خوشيءَ سان سئو يورو تائين ادا ڪري انهن تقريبن جو حصو بڻجي رهيا آهن. ان سان نه صرف نون شادي شده جوڙن کي خرچ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي، پر شرڪت ڪندڙن کي هڪ منفرد سماجي تجربو پڻ حاصل ٿي رهيو آهي. هڪ يوزر، لورين، ‘دي گارڊين’ سان ڳالهائيندي ٻڌايو، “منهنجي فيملي وڏي ناهي، تنهنڪري مون کي گهڻين شادين ۾ وڃڻ جو موقعو نٿو ملي. هي پليٽ فارم مون کي مختلف روايتن ۽ تقريبن کي ڏسڻ جو موقعو ڏئي ٿو، ۽ مان ڊانس فلور تي ڀرپور لطف وٺندي آهيان.” شادي ڪندڙ ڪيترائي جوڙا به چون ٿا ته اهو صرف پئسو ڪمائڻ لاءِ ناهي، پر هڪ دلچسپ تجربو لاءِ به آهي. پيرس ويجهو پنهنجي شاديءَ جي تياري ڪندڙ جينيفر ۽ سندس مڙس پالو ٻڌايو ته هو 100 ويجهن مائٽن کي دعوت ڏئي رهيا آهن، پر ڪجهه اجنبي مهمانن کي شامل ڪرڻ سندن لاءِ هڪ نئون ۽ خوشگوار تجربو ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
18.9 ° C
18.9 °
18.9 °
18 %
2.6kmh
99 %
سُومر
19 °
اڱارو
23 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °

تازه ترين خبرون