تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پنجاب جي شهر ڪماليا ۾ هيڊ سڌنائي کي بچائڻ لاءِ راوي درياهه جو مائي صفوران بچاءُ بند ڌماڪي سان اڏايو ويو

- Advertisement -
پنجاب جي شهر ڪماليا ۾ هيڊ سڌنائي کي بچائڻ لاءِ راوي درياهه جو مائي صفوران بچاءُ بند ڌماڪي سان اڏايو ويو. هيڊ سڌنائي واري هنڌ انتهائي مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي، 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي اضافي کانپوءِ پاڻي جو وهڪرو هڪ لک 85 هزار 563 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو جنهن سبب وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا، هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ٿي ويو. ڊپٽي ڪمشنر ڪماليا چوڌري نعيم سنڌو جو چوڻ آهي ته هيڊ سڌنائي کي بچائڻ لاءِ راوي درياهه جو حفاظتي بند ڌماڪي سان ٽوڙيو ويو آهي. بند ٽٽڻ سان ديهه پير محل جا 12 ڳوٺ ٻڏي ويا، بند ٽٽڻ کان اڳ علائقي واسين کي پنهنجي چوپائي مال سميت محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو هو، هيڊ سڌنائي جي ٻوڏ جي وهڪري سبب ضلعي خانيوال جا 136 گهر متاثر ٿيا آهن. راوي درياهه ۾ هيڊ جسڙ وٽ به پاڻي جي آمد ۾ واڌ ٿي آهي جتي 63 هزار 720 ڪيوسڪ سان هيٺانهين درجي جي ٻوڏ آهي. پي ڊي ايم اي ڊي جي عرفان علي ڪاٺيا پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته انڊين هاءِ ڪميشن طرفان الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ته توي درياهه ۾  مٿانهين درجي جي ٻوڏ اچي سگهي ٿي، هيڊ مراله تي هڪ ڪلاڪ ۾ 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي وڌي ويو آهي. واضح رهي ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب هن وقت تائين ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جو ڊيٽا جاري ڪري ڇڏيو آهي. اين ڊي ايم اي موجب ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب هن وقت تائين 881 ماڻهو فوت ۽ 1176 زخمي ٿيا جن ۾ پنجاب ۾ 223 ماڻهو فوت ۽ 648 زخمي ٿيا……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
18 %
5.6kmh
97 %
جمعو
28 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون