- Advertisement -
ٽنڊو جان محمد جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ فوت ٿي ويل پيرسن جو لاش ايمبولينس نه ملڻ سبب وارث رڪشا تي کڻائي ويا.
57 موري واسي پيرسن مصري ڀيل فالج سبب رورل هيلٿ سينٽر ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش کڻائڻ لاءِ وارثن وٽ ڀاڙو نه هجڻ ڪري مڙهه رڪشا تي کڻايو ويو.
غربت سبب پئسا نه هجڻ ڪري اسپتال عملي جي ملازم کين 500 روپيا ڀاڙو ڏنو، جنهن بعد وارث لاش رڪشا تي کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا.
ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر موجب ايمبولينس ڪجھه ڏينهن کان خراب هجڻ سبب ميرپورخاص موڪلي وئي آهي، صحت کاتي ۽ ڪورٽ جي حڪم تحت هو لاش لاءِ ايمبولينس نٿا ڏئي سگهن، ايمبولينس رڳو ايمرجنسي جي حالت ۾ ڏيندا آهن.- Advertisement -
