تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻي ۾ جوابدار چئن ٻارن جي ماءُ کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
لاڙڪاڻي ۾ جوابدار چئن ٻارن جي ماءُ کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. حيدري ٿاڻي جي حد ڪوثرمل حيدري پاڙي ۾ جوابدار عبدالفتاح مغيري گوليون هڻي ثمينه مغيري کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ٽراما سينٽر پهچايا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. مقتول عورت جي ماءُ هدايت خاتون مغيري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھه سال اڳ سندن نياڻي ثمينه جي شادي قمبر تعلقي جي ڳوٺ مدو چانڊيو واسي علي رضا عرف نواب سولنگي سان ٿي هئي، جنهن مان کيس چئن ٻارن جي اولاد پڻ هئس. هن چيو ته 8 مهينا اڳ ناٺي سندس نياڻي کي طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن بعد هوءَ پنهنجي نياڻي ثمينه کي ساڻ ڪري ويجهي مائٽ عبدالفتاح مغيري جي گهر پناھه ورتي هئي. سندس چوڻ هو ته جنهن کانپوءِ هوءَ نياڻي سميت ڪجھه مهينا اڳ لاڙڪاڻي جي ڪوثرمل حيدري پاڙي ۾ مسواڙ تي گهر وٺي رهائش اختيار ڪئي، جتي مائٽ عبدالفتاح مغيري ايندو ويندو هو. هن الزام هڻندي چيو ته جوابدار عبدالفتاح مغيري سندس نياڻي ثمينه کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. رابطو ڪرڻ تي حد جي پوليس جو ٻڌايو ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
3 %
9kmh
0 %
آچر
29 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون