- Advertisement -
ٽنڊي الهيار ۾ گھر مان لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ 28ورهين جي الهڏنو خاصخيلي طور ڪئي وئي.
بڪيرا روڊ واري علائقي مان گهر اندران لاش هٿ آيو، اطلاع تي بي سيڪشن پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ مان لڳي رهيو آهي ته الهڏني خاصخيلي آپگهات ڪيو آهي.
پوليس موجب، لاش جو پوسٽ مارٽم ٿي رهيو آهي، اصل ڪارڻ رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي سامهون اچي سگھندو…..
- Advertisement -
