تازه ترين

چڪ ڀرسان هٿياربندن جو گهر حملو، راڪيٽ لانچر فائر، گهر ڌڻي سميت5 ڄڻا قتل

- Advertisement -
چڪ ڀرسان بڊاڻي-شر خوني تڪرار وڌيڪ 5 جانيون ڳڙڪائي ويو، بڊاڻي برادري جي هٿياربندن گھر تي حملو ڪري راڪيٽ لانچر فائر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ گھر ڌڻي سميت 5 ڄڻا مارجي ويا. ڳوٺ بيچانجي ۾ هٿياربندن عبدالخالق شر جي گهر تي حملو ڪري راڪيٽ لانچر فائر ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ عبدالخالق شر، سندس پٽ خالد شر، راجا شر، ڀاءُ عبدالستار شر ۽ مهمان عبدالجبار شر ٿڏي تي مارجي ويا. حملي کانپوءِ هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا واقعي سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ واقعي جو اطلاع ملڻ شرط وڏي پوليس نفري ۽ ڊرون ٽيم ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ روانو ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته حملي جا ڪارڻ پراڻو تڪرار آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته شر ۽ بڊاڻي برادري وچ ۾ پراڻو خوني تڪرار هلندڙ هو، جنهن جي نبيري لاءِ 18 نومبر تي جرڳو رٿيل هو ذريعن موجب، جرڳو سردار فتح محمد خان جتوئي ۽ ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي جي سرپئنچي ۾ ٿيڻو هو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
10 %
4kmh
0 %
سُومر
24 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون