- Advertisement -
سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ ٽيڪس ڪيسن جي حل لاءِ ٺاهيل ڪميٽي جون سفارشون منظرعام تي اچي ويون آهن.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ 7 نومبر 2024ع جي هڪ اجلاس ۾ اهم انڪشاف ٿيا.
اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو ته ملڪ جي اعليٰ عدالتن ۾ هڪ لک 8 هزار 366 اهڙا ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، جن ۾ 4 هزار 457 ارب رپين جي رقم شامل آهي، سپريم ڪورٽ ۾ لڳ ڀڳ 6 هزار ريونيو جا ڪيس دير جو شڪار آهن.
اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو ته مختلف ٽربيونلز ۽ عدالتن ۾ لڳ ڀڳ 2 هزار ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، جن ۾ منع ناما جاري ٿي چڪا آهن.
ڪميٽي تجويز ڏني ته سپريم ڪورٽ ۾ هڪ اي ڊي آر يونٽ قائم ڪيو وڃي ته جيئن ايف بي آر ۽ ٻين رياستي ادارن جي اي ڊي آر نظام جي نگراني ڪري سگهجي.
ڪميٽي تجويز ڏني ته سپريم ڪورٽ ۽ سمورين هائيڪورٽن ۾ هڪ اي ڊي آر سيل قائم ڪئي وڃي.- Advertisement -
