- Advertisement -
عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف پاڪستان جي نئين ڪڻڪ پاليسي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ۾ امدادي اگهه مقرر ڪرڻ تي اعتراض اٿاريو.
ذريعن موجب ڪڻڪ پاليسي جي منظوري بعد آءِ ايم ايف خوراڪ واري وزارت کي خط لکي آگاهه ڪيو ۽ پاليسي جا انگ اکر طلب ڪيا.
خوراڪ واري وزارت آءِ ايم ايف جي اعتراضن تي جواب ڏنو ته امدادي اگهه فڪس ناهي ڪيو ويو، جنهن سان سمجهڻ ۾ غلطي ٿي آهي.
آءِ ايم ايف اعتراض اٿاريو ته شايد امدادي قميت فڪس ٿي آهي.
آءِ ايم ايف کي جواب ۾ چيو ويو ته گهٽ ۾ گهٽ امدادي اگهه بدران ايڊيڪٽوِ اگهه مقرر ڪيو ويو آهي، آمريڪا جي انٽرنيشنل هارڊ ريڊ ڪڻڪ جي قميت ڏسندي انڊيڪيٽو پرائس ڪڍي وئي.
ذريعن موجب آمريڪا جي انٽرنيشنل هارڊ ريڊ ڪڻڪ جو اگهه 238 ڊالر في ٽن آهي، ڪراچيءَ مان ايڪسپورٽ ڪيل ڪڻڪ ملتان آڻڻ جا خرچ به شامل ڪيا ويا آهن ۽ ايڪسپورٽ خرچ ڪڍي 35 سئو رپيا في مڻ اگهه جو اندازو لڳايو ويو آهي.
پاڪستان امدادي اگهه تي آءِ ايم ايف جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا.
خوراڪ واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي اعتراضن جا تفصيل وزيراعظم هائوس سان به شيئر ڪيا ويا آهن………..- Advertisement -
