تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان آءِ ايم ايف جا ڪڻڪ پاليسي تي اعتراض ختم ڪري ڇڏيا

- Advertisement -
عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف پاڪستان جي نئين ڪڻڪ پاليسي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ۾ امدادي اگهه مقرر ڪرڻ تي اعتراض اٿاريو. ذريعن موجب ڪڻڪ پاليسي جي منظوري بعد آءِ ايم ايف خوراڪ واري وزارت کي خط لکي آگاهه ڪيو ۽ پاليسي جا انگ اکر طلب ڪيا. خوراڪ واري وزارت آءِ ايم ايف جي اعتراضن تي جواب ڏنو ته امدادي اگهه فڪس ناهي ڪيو ويو، جنهن سان سمجهڻ ۾ غلطي ٿي آهي. آءِ ايم ايف اعتراض اٿاريو ته شايد امدادي قميت فڪس ٿي آهي. آءِ ايم ايف کي جواب ۾  چيو ويو ته گهٽ ۾ گهٽ امدادي اگهه بدران ايڊيڪٽوِ اگهه مقرر ڪيو ويو آهي، آمريڪا جي انٽرنيشنل هارڊ ريڊ ڪڻڪ جي قميت ڏسندي انڊيڪيٽو پرائس ڪڍي وئي. ذريعن موجب آمريڪا جي انٽرنيشنل هارڊ ريڊ ڪڻڪ جو  اگهه 238 ڊالر في ٽن آهي، ڪراچيءَ مان ايڪسپورٽ ڪيل ڪڻڪ ملتان آڻڻ جا خرچ به شامل ڪيا ويا آهن ۽ ايڪسپورٽ خرچ ڪڍي 35 سئو رپيا في مڻ اگهه جو اندازو لڳايو ويو آهي. پاڪستان امدادي اگهه تي آءِ ايم ايف جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا. خوراڪ واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي اعتراضن جا تفصيل وزيراعظم هائوس سان به شيئر ڪيا ويا آهن………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
6.1 ° C
6.1 °
6.1 °
26 %
2.9kmh
3 %
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °
سُومر
13 °
اڱارو
14 °
اربع
15 °

تازه ترين خبرون