تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وزيراعظم شهبازشريف، صنعت ۽ زراعت جي ترقي لاءِ روشن معيشت بجلي پيڪيج جو اعلان

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف، صنعت ۽ زراعت جي ترقي لاءِ روشن معيشت بجلي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. شهباز شريف صعنتي ۽ زرعي شعبي جي ماهرن ۽ ڪاروباري وفد سان ملاقات دوران پيڪيج جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته صنعتي شعبي کي 34 رپيا ۽ زرعي شعبي کي 38 رپيا ملندڙ في يونٽ ۾ وڏي گهٽتائي فراهم ڪري واڌو يونٽ فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته ايندڙ ٽن ورهين ۾ سمورو سال صعنتي ۽ زرعي شعبي کي اضافي بجلي 22 رپيا 98 پيسا في يونٽ فراهم ڪئي ويندي. شهبازشريف چيو ته روشن معيشت بجلي پيڪيج تحٽ فراهم ٿيندڙ بجلي جو بار نه گهريلو واهپيدار نه ئي ڪو ٻيو شعبو کڻندو. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي ۽ روزگار ۾ اضافي لاءِ صنعت ۽ زراعت جي ترقي انتهائي ضروري آهي، ملڪي صنعتن ۽ زرعي شعبن کي ترقي وٺرائڻ توڙي ڪاروباري سهولتن ۾ اضافي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. شهبازشريف چيو ته سياري جي مند ۾ اعلانيل پيڪيج تحت صعنتي ۽ زرعي شعبي 410 گيگا واٽ اضافي بجلي استعمال ڪئي، جنهن ڪري صعنتن جو ڦيٿو هليو، ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. وزيراعظم چيو ته معاشي بحران کان معاشي استحڪام جو سفر ڏکيو هو پر معاشي ٽيم جي محنت ۽ سڀني جي سهڪار سان اهو ممڪن ٿيو. هن چيو ته صنعت ۽ زراعت ترقي ڪندا ته ملڪ جي قرضن مان جند آجي ٿيندي. شهبازشريف چيو ته سڀني کي گڏجي اڃا به وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي، پاڪستان جي معاشي خودمختياري جو حدف جلد حاصل ڪيو ويندو………………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
15 %
3.1kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون