پاڪستان جو ڏهاڙو ملڪ جي بانين جي جدوجهد ۽ ترقي طرف اجتماعي سفر کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو ڏهاڙو ملڪ جي بانين جي جدوجهد ۽ ترقي طرف اجتماعي سفر کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. پاڪستان جي ڏهاڙي تي قوم جي نالي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اوهان سڀني کي پاڪستان جو ڏهاڙو مبارڪ، اڄوڪي ڏينهن قوم پنهنجي وڏڙن جي دورانديشي، قربانين ۽ مضبوط عزم کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي. سندس چوڻ هو ته قوم جي وڏڙن هڪ اهڙي وطن جي قيام لاءِ جدوجهد ڪئي جتي آزادي، انصاف ۽ برابري جو راڄ هجي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جو ڏهاڙو ملڪ جي بانين جي جدوجهد ۽ ترقي طرف اجتماعي سفر کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي وڏڙن جي نظريات خاص طور قائداعظم جي ويزن جي پاسداري لاءِ مضبوط عزم سان بيٺل رهندي، اڄ هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مضبوط عزم کي به ڀيٽا پيش ڪن ٿا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻي بي خوف ٿي ڪري عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو هڪ عظيم مقصد جي خاطر پنهنجي جانين جو نظرانو پيش ڪيو. سندس چوڻ هو ته اڄوڪي ڏينهن هر پاڪستاني پنهنجي پياري ملڪ جي روشن مستقبل جي تعمير جي گڏيل مقصد لاءِ وچن ڪرڻ گهرجي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اچو ته سڀ گڏجي اميد، حوصلي ۽ عزم سان اڳتي وڌون، اچو سڀ هن يقين ڪامل سان اڳتي وڌون ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
27%
1.5m/s
9%
خميس
23 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون