تازه ترين

پاڪستان جي جبل چاڙهو اسد علي ميمڻ ستن ئي کنڊن جي بلند ترين چوٽين تي چڙهڻ جو سفر مڪمل ڪري تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان جي جبل چاڙهو اسد علي ميمڻ ستن ئي کنڊن جي بلند ترين چوٽين تي چڙهڻ جو سفر مڪمل ڪري تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏئي ڇڏيو.

اسد علي سيون سمٽ جو سفر انڊونيشيا ۾ اوشيانا جي بلند ترين چوٽي پونچڪ جايا تي چڙهي مڪمل ڪيو.

پاڪستان جي جبل چاڙهو 2019ع ۾ يورپ جي مائونٽ البرس، 2020ع ۾ ڏکڻ آمريڪا جي اڪونڪا گوا کي چڙهڻ جو سفر مڪمل ڪيو هو.

اسد علي ميمڻ2021ع ۾ آفريڪا جي ڪيليمنجرو ۽ 2022ع ۾ اتر آمريڪا جي مائونٽ دينالي جي چوٽي تي چڙهي ويو هو.

2023ع ۾ اسد علي ميمڻ ايشيا ۽ دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايورسٽ پار ڪئي، هلندڙ سال جي شروعات ۾ هن انٽارٽيڪا جي مائونٽ ونسن کي به پار ڪيو هو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.6 ° C
15.6 °
15.6 °
26 %
2kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون