تازه ترين

پاڪستان جي علاقائي سلامتي تي ڪوبه ٺاهه نه ٿيندو : فيلڊ مارشل

- Advertisement -
فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جي علاقائي سلامتي تي ڪوبه ٺاهه نه ٿيندو، هو دشمن جا ناپاڪ ارادا متحد ٿي ڪري ناڪام بڻائيندا، هر شهري جو تحفظ سندن پهرين ترجيح آهي. نيشنل سڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن پاران جنرل هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو ويو، جنهن دوران کين علاقائي داخلي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان انٽر ايڪٽو سيشن پڻ ڪيو. ان موقعي تي فيلڊ مارشل عاصم منير خطاب ڪندي چيو ته علاقائي ماحول تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي، وڌندڙ جيو پوليٽيڪل مقابلو ۽ هائبرڊ جنگ وڏا چئلينج آهن. سندس چوڻ هو ته ٻاهرين حمايت يافته دهشتگردي ۽ معلوماتي جنگ نوان محاذ آهن. فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته فوج، ايجنسيون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مضبوطيءَ سان بيٺا آهن، حق جي جنگ ۾ پيشيوراڻي ڪارڪردگي سبب پاڪستان جو عالمي قد وڌيو آهي. فيلڊ مارشل جو چوڻ هو ته پاڪستان هڪ باوقار ملڪ آهي، جيڪو پنهنجو صحيح مقام ضرور حاصل ڪندو. سندس چوڻ هو ته قومي اتحاد اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي، جنهن سان دشمن جا ارادا ناڪام بڻجي ويندا. فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته هر شهري جي حفاظت ۽ سرحدي سڪيورٽي سندن پهرين ترجيح آهي، پاڪستان جي سلامتي تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو. هن چيو ته جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان سهڪار جاري آهي، قومي ۽ ادارتي ڀائيچارو ترقي جي واحد ضمانت آهي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي سمگلنگ، منشيات ۽ منظم ڏوهن خلاف قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن کي غير قانوني مهاجرن جي وطن واپسي ۽ سرحد ڪنٽرول تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته نيشنل ڊفينس يونيورسٽي پروگرام مختلف شعبن جي نمائندن کي گڏ ڪري ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.8 ° C
10.8 °
10.8 °
15 %
1.1kmh
0 %
خميس
13 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
15 °
آچر
16 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون